ٽنڊومحمدخان:ڦليلي ڪئنال ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه، گوني واهه جا ڪپر ڪمزور، رهواسي پريشان

news

ٽنڊومحمدخان( رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي  ڦليلي ڪئنال ۾ پاڻي جي وڌيڪ  چاڙهه وڌي وڃڻ سبب ڪنارن تي پاڻي جو کاڌ پوڻ شروع ٿي ويو آهي، ڱوني واھ ۾  وڌندڙ چاڙھ ڪري گوني جا ڪپر ٽٽي پوڻ جو خطرو وڌنڌو پيو وڃي، ايريگيشن جي عملدارن کي ڳوٺاڻن پاران اطلاع جي باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي سگھيو آهي، جڏھن ته  مختلف ڳوٺن جي  مقامي ماڻهن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڦليلي ڪئنال جي ڪمزور ڪپرن جي حصن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

ٻئي طرف علائقي جي رهواسين  جو چوڻ ھو ته گوني ڪئنال جي ٻنھي ڪپرن جي مرمت جو ڪم  ڪيترا سال  نه ٿيڻ جي ڪري گوني واھ  جا ٻئي پاسا بلڪل ڪمزور ٿي چڪا آهن, مٽي ڇڻي رھي آھي ۽ آبپاشي عملدارن پاران جلد ڪپرن جي ڀرائي نه ڪئي ويئي ته گوني واھ جي آس پاس جا ڪيترائي ڳوٺ سخت متاثر ٿي سگھن ٿا ۽  هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي وڃڻ جو انديشو آهي.

 ھنن چيو ته ڦليلي تي پاڻي جو زور وڌندو ٿو وڃي پيو، ايريگيشن کاتو ننڊ ۾ آھي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن ته جيئن ڪو وڏو واقعو پيش نه اچي سگھي.