جاتي: سانگهڙ جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ جاتي پريس ڪلب پهچي ويو، تحفظ جي اپيل

news

مھينو اڳ سانگهڙ کان پريمي جوڙو چمبڙ ڪورٽ ۾ نڪاح ڪرڻ کان پوءِ تحفظ لاءِ جاتي پريس ڪلب پهتو جتي پيار جو پرڻو ڪندڙ روزينه ڌيءَ انور ملاح ۽ محمد علي ولد هارون ملاح صحافين اڳيان دانهيندي  چيو ته اسان هڪ مهيني کان دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون.

 پرڻو ڪندڙ ناري روزينه پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته منهنجا مائٽ منهنجي مرضي خلاف شادي ڪري رهيا هئا ۽ آئون منهنجي چاهيندڙ سان نڪاح محمدي موجب ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي پر منهنجا مائٽ مونکي ڪارو ڪري مارڻ چاهين ٿا ۽ سانگهڙ پوليس منهنجي مائٽن جي ونگاري بڻيل آهي، منهنجي مڙس ۽ مونکي تحفظ ڏنو وڃي.

 هنن ڊي آئي جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.