سينيٽائيزر هٿ تي لڳائڻ ڪافي ناهي: صحت جي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: (ڇنڇر 27 جون 2020ع) ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ ماڻهو سينيٽائزر جو استعمال ڪري رهيا آهن. پر عام طور تي ماڻهو سينيٽائيزر لڳائڻ ڪافي سمجهندا آهن. پر هاڻ ماهرن ان جي طريقي کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

انڊيا ٽائمز موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته هٿن تي سينيٽائيزر لڳائڻ ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ ڪافي ناهي. وائرس جي خاتمي جي لاءِ سينيٽائيزر کي هٿ تي 30 سيڪنڊن تائين لازمي ملڻو آهي.

آمريڪي صحت کاتي جي سائنسدانن طرفان ڪيل هن تحقيق ۾ ٻڌايو  ويو آهي ته هٿن تي صرف سينيٽائيزر لڳائڻ سان وائرس جو خاتمو تمام گهٽ هوندو آهي.

جهڙي طرح  صابڻ سان هٿ  ڌوئڻ وقت 20 کان 30 سيڪنڊن تائين صابڻ کي هٿ تي  ملڻ ضروري آهي اهڙي طرح سينيٽائيزر کي به هٿن تي ملڻ ضروري آهي.