شھدادپور ۾ چوويهه ڪلاڪن اندر چوري جون ڪيتريون ئي وارداتون، پوليس تحرڪ نه ورتو

news

شھدادپور: شھدادپور شھر جي مختلف علائقن اندر پوليس جي نااھلي سبب گذريل 24 ڪلاڪن اندر ھڪ بيٽري جي دڪان جا تالا ٽوڙي ٽن لکن جي چوري، ھڪ چنگچي رڪشا  ۽ ھڪ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل سميت 5 موٽر سائيڪلون چوري جون وارداتون.

شھدادپور شھر ۾ رات جو ڊيوٽي ڪندڙ اڪثر پوليس اھلڪار ننڊون ڪرڻ سبب ڏوھاري ٻرن مان نڪري آيا، شاھپور چاڪر روڊ تي ڪورٽ لڳ فرحان ملڪ جي بيٽري جي دڪان جا تالا ٽوڙي ٽن لکن جي ماليت جون 28 بيٽريون چور چوري ڪري ويا.

نامعلوم چاٻي چور راجپوت ڪالوني مان وسيم ڀٽي جي چنگچي رڪشا چوري ڪري ويا، وقار بڙدي جي چائنا موٽرسائيڪل، دلشير شاھي جي ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل، فرمان شاھي جي چائنا موٽرسائيڪل ۽ سپاف اڳواڻ ڪي بي جي سي ڊي موٽرسائيڪل سميت 5 موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون.