لاهور ۾ سخت اسمارٽ لاڪ ڊائون سبب ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي

news

لاهور:(آچر 28 جون 2020ع)  لاهور جي وڌيڪ 7 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون کان پوءِ چرپر کي محدود ڪيو ويو جنهن سبب ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي. ان علائقن ۾ ڊي ايڇ اي، ٽمبر مارڪيٽ، ماڊل ٽائون، گارڊن ٽائون، فيصل ٽائون، گلشن راوي ۽ اندرون شهر ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ سختي ڪئي وئي. ان علائقن مان 3606 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.

اندرون لاهور جي 12 دروازن جي به سخت ناڪا بندي ڪئي وئي. لاڪ ڊائون تي 43 ايس ايڇ اوز سميت 3 هزار اهلڪار مقرر آهن. گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب سيل علائقن ۾ گراسري، ڪريانه، اٽي چڪي، فروٽ شاپس، تندور، پيٽرول پمپ، ملڪ شاپس، چڪن شاپس ۽ بيڪريون کليل رهنديون.

سي سي پي او لاهور ذوالفقار حميد چيو آهي ته 7 علائقن جا 40 هاٽ اسپاٽ ايرياز 20 جون تائين بند رهندا. لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ آفيسون، بازار، مارڪيٽون بند رهنديون. شهري تعاون ڪن.

هوڏانهن ڪيسن ۾ واڌ سبب راولپنڊي جي وڌيڪ 7 علائقن ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو. حتمي فيصلو ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.