اپوزيشن پارٽيون صرف پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي ايجنڊا کڻي هلي رهيون آهن: عثمان بزدار

news

لاهور: (آچر 28 جون 2020ع)   پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته اپوزيشن پارٽيون صرف پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي ايجنڊا کڻي هلي رهيون آهن.

ملڪ جي بنيادن کي کوکلو ڪندڙ عناصرن کي هاڻ حساب ڏيڻو پوندو. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي تاريخ جي شفاف ترين حڪومت آهي. اپوزيشن پارٽيون صرف حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ ۾ پوريون آهن.

عثمان بزدار چيو ته انتهائي نازڪ مرحلي تي اپوزيشن پارٽين جو منفي رويو ڏکوئيندڙ ۽ مذمت جوڳو آهي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري طور تي بهتر فيصلا ڪيا.