چين لداخ جي وڌيڪ ٽن هنڌن تي ڪنٽرول ڪري ورتو، چڪرين دوران وڌيڪ ٻه ڀارتي فوجي مارجي ويا

news

بيجنگ: (آچر 28 جون 2020ع) چين لداخ ۾ 3 هنڌن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. جڏهن ته چڪرين دوران 2 ڀارتي فوجي به مارجي ويا.

لداخ ۾ ڀارت کي لاڳيتو شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. چين ايل اي سي تي وڌيڪ 3 ٽيڪنيڪل پوزيشنن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو جنهن ۾ دولت بيگ، اولڊي، گلوان ويلي جا اهم حصا شامل آهن.

ڀارتي فوج پنگانگ ۾ فنگر ٽو تائين محدود ٿي وئي آهي. چيني فوج علائقن ۾ مشقون به ڪيون. جڏهن ته چڪرين دوران وڌيڪ 2 ڀارتي فوجي به مارجي ويا.

عالمي ميڊيا موجب چين 15 جون کان اڳ علائقي ۾ پنهنجي فوجين جي ٽريننگ جي لاءِ مارشل آرٽ جا 20 سکيا ڏيندڙ موڪليا هئا. 1996ع ۾ ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ علائقي ۾ بندوق ۽ آتشي مواد نٿا رکي سگهن.