آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا، چار زخمي

news

ڪيليفورنيا: (آچر 28 جون 2020ع)  آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ حملي آور جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر ريڊ بلف ۾ وال مارٽ ڪمپني ۾ حملي آور داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ حملي آور به مارجي ويو.

پوليس موجب حملي آور بلڊنگ جي دروازي سان گاڏي ٽڪرائي جنهن کان پوءِ هن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. جڏهن ته حملي آور وال مارٽ ڪمپني جو اڳوڻو ملازم آهي جنهن جي عمر 31 سال هئي پر اڃان تائين فائرنگ جو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو. پوليس طرفان واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.