ٽنڊومحمدخان: ضلعي صدر تي قاتلاڻي حملي خلاف ايس اين پي جو احتجاجي مظاهرو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

news

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊومحمدخان ۾ ايس اين پي جي ضلعي صدر دودو هاليپوٽو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ايس اين پي جي ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن فهيظ سومرو، عبدالوهاب ملاح، خادم ملاح، غلام رسول ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس اين پي جي ضلعي صدر دودو هاليپوٽو مٿان سول اسپتال روڊ تي بلاجواز قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، اسان ٽنڊو محمد خان  ٿاڻي تي مذڪوره جوابدارن هدايت هاليپوٽو ۽ ٻن نامعلومن خلاف رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود سٽي ٿاڻي جي پوليس کين گرفتار نه ڪري رهي آهي.

 هنن چيو ته مقامي بااثرن جي چوڻ تي اسان جي اڳواڻ دودو هاليپوٽو مٿان قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو آهي، پوليس 24 ڪلاڪن اندر حملي ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ڪيا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.