گهوٽڪي: اغوا ڄاڻايل ناري ۽ نوجوان پنجاب مان هٿ، عدالت ۾ سومر ڏينهن پيشي

news

گهوٽڪي (رپورٽ: فرمان سومرو)  پوليس 10 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري ۽ نوجوان کي پنجاب مان هٿ ڪري ورتو، جوڙي کي  سڀاڻي سومر ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 گهوٽڪي پوليس جي لاهور ڀرسان هارون آباد ۾ ڪاروائي ڏھ ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل رحمووالي جي رهواسڻ ناري سمرين ڌيءَ زاهد آرائين ۽ نوجوان محمد شڪيل پٽ نور محمد جويو کي هارون آباد مان هٿ  ڪري  ورتو آهي.

 واضح رهي ته ناري جي پي زاهد حسين آرائين سندس ڌي جي اغوا جو ڪيس ڏھ ڏينهن اڳ گهوٽڪي ٿاڻي تي جوابدار شڪيل احمد مٿان داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته تہ شڪيل سندس ڌي کي شادي جي لاءِ زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو آھي.

 اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد گهوٽڪي پوليس ايس ايڇ او طفيل احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ لاهور ويجهو هارون آباد ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي جوڙي کي هٿ ڪري گهوٽڪي کڻي آئي آهي، پوليس مطابق ته جوڙي کي سڀاڻي سومر ڏينهن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو