نصيرآباد:نوجوان اتحاد پاران ڇهين ڏينهن به احتجاج، پاڻي ۽ اسٽريٽ لائٽ مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو

news

نصيرآباد(رپورٽ:انور منگي)نصيرآباد ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد پاران، ڇهين ڏينهن به پاڻي جي کوٽ خلاف صوفي غفار چنا، جبار ڳنواس، منصور ڪاٺيو، علي رضا لاکو, راجا سومرو، خان ڀٽي، عاقب ڀٽي، ياسر ڪانڌڙو، غلام نبي ڪنڀر، عامر بليدي, جاويد ڪاٺيو ۽ آصف ڪاٺيو جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سجاڳ شھري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري فقير علي گل ڪانڌڙي، سنڌ دوستي سٿ جي سارنگ ساگر, ننگر چنا، جبار آزاد منگي، اظهر منگي، انيل اوڏ ۽ ٻين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 اڳواڻن چيو ته شھري پاڻي لاءِ پريشان آھن پر تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي، ٽائون چيئرمين, وائيس چيئرمين ۽ مخالف ڌر جي ڪائونسلرن جي مٿي تي ڪا جونءِ نٿي چري.

 هنن چيو ته اسين گذريل چئن سالن کان واٽر سپلائي جي جنريٽر لاءِ گهر ڪندا پيا اچون جنهن لاءِ 80 لک منظور پڻ ٿيا هئا جيڪي ڪائونسل جي ملي ڀڳت سان هڙپ ٿي ويا.

هنن وڌيڪ چيو ته موجوده ڪائونسل ۾ ويٺل مخالف ڌر جي ڪائونسلرن مان سٺيون اميدون هيون پر هنن ذاتي مفادن کي اهميت ڏيندي دوستي واري مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندي شھرين جي اميدون پاڻي ۾ ملائي ڇڏيون.

 هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو آھي ته نصيرآبد ۽ باڊھ ۾ واٽر سپلائي پاڻي جي بهتر رسائي لاءِ 200KVA  جنريٽر يا سولر پلانٽ لڳايو وڃي ته جيئن شھرين کي پاڻي ملي سگهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته اسين هن احتجاج ذريعي لاڳاپيل چونڊيل نمائندن کي چتاء ٿا ڏيون ته جيڪڏھن پاڻي ۽ اسٽريٽ لائيٽ سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل نہ ڪيا ويا تہ احتجاج جو دائرو وڌيڪ سخت ۽ وسيع ڪيو ويندو.