نئون ڪوٽ: نصير چانڊيو جي قتل خلاف سچوا جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو، مسلسل احتجاج جو عزم

news

نئون ڪوٽ(رپورٽ پيار علي نھڙيو )

هڪ مهينو اڳ نئون ڪوٽ ۽ ڪراچي سکن ٿاڻي پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺ ستار چانڊيو جي چڱي مڙس نصير چانڊيو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسي ايشن(سچوا) جي مرڪزي اڳواڻ قادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو.

 ان موقعي تي هن چيو ته نئون ڪوٽ ۽ ڪراچي سکن ٿاڻي جي پوليس بيگناه نصير چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو آھي، انهن تي نصير چانڊيو جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، پوليس پاڻ کي بچائڻ لاءِ نصير جو خون لوڙھڻ ٿي چاهي پر اها پوليس کي ڀل آھي اسان انصاف نه ملڻ تائين احتجاج ڪندا رهنداسون انصاف نه مليو ته هر شھر ۾ احتجاج  ڪنداسون.

 هن وڌيڪ چيو ته شھيد نصير چانڊيو جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي احتجاجي مظاهري بعد سچوا اڳواڻ قادر چانڊيو چانڊيا برادري سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب نئون ڪوٽ اڳيان ستاويهن ڏينهن کان جاري علامتي بک هڙتال تي به پهت، جتي محمد بخش چانڊيو، ميوو چانڊيو، علي نواز چانڊيو ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا.