ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندي نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، ٻه دوست زخمي

news

ڪراچي: (آچر 28 جون 2020ع) ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو جي شوق هڪ ٻئي نوجوان جي حياتي کسي ورتي.  رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ جي ويجهو رات دير سان تيز رفتار ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار 3 نوجوان سخت زخمي ٿي پيا.

جڏهن ته گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. زخمين جي سڃاڻپ احسن، اياز ۽ فراز جي نالي سان ٿي. کين اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فراز علاج دوران فوت ٿي ويو.

پوليس موجب ٽئي ڄڻا گاڏي هلائڻ دوران ٽڪ ٽاڪ جي وڊيو ٺاهي رهيا هئا. واضح رهي ته ان کان اڳ به ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ جي دوران حادثن ۾ ڪيترائي نوجوان پنهنجي حياتين تان هٿ  ڌوئي ويٺا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي چڪا آهن.