ميرپور ماٿيلو لڳ ڳوٺ الله بخش ڀٽو ۾ زمين تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ٻه ڄڻا زخمي

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: وقار اختر ملڪ) ميرپور ماٿيلو لڳ ڳوٺ الله بخش ڀٽو ۾ زرعي زمين تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب شھزادو ڀٽو، مائي زينب ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال نيو ويو.

تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجھو ڳوٺ الله بخش ڀٽو ۾ زراعي زمين تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب شھزادو ڀٽو ۽ مائي زينب ڀٽو زخمي ٿي پيا.

مائي زينب ڀٽو ۽ شھزادو ڀٽو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو بااثر پوليس اهلڪارن اسان جي قبولي زرعي زمين تي ٽن سالن کان قبضو ڪيون ويٺا آهن، سندس وڌيڪ چوڻ هو اسان کي بااثر پوليس اهلڪارن مان جان جو خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪو ته بااثر پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي زرعي زمين واپس ڪرائي وڃي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.