ڪڙيو گھنور لڳ ڳوٺ قاسم ماڇي واسين جو بااثر جي ڏاڍ خلاف احتجاج

news

ڪڙيو گھنور: ڪڙيو گھنور لڳ ڳوٺ قاسم ماڇي واسين جو عورتن سميت بااثر جوابدارن جي خلاف احتجاجي مظاھرو، سخت نعري بازي.

تفصيل موجب ڳوٺ قاسم ماڇي جي رهواسين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات بااثر جوابدارن اسان جي ڳوٺ قاسم ماڇي تي ڪاهه ڪري باهه ڏني، جنھن سبب ٽي گھر سڙي رک ٿي ويا، جڏھن ته متاثر ڳوٺاڻن جو عورتن ٻارن ٻچن سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.

انھيءَ موقعي تي صديق ماڇي، ميرو ماڇي، عمر ماڇي، پرنس عظيم سنڌي، اسلم شيدي ۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات بااثر وڏيري اسان جي ڳوٺ قاسم ماڇي تي ھٿيارن جي زور تي ڪاھ ڪري گھرن کي باھ ڏني جنھن سبب اسان جا ٽي گھر سڙي ويا.

اھڙي فرياد کڻي اسان ڪڙيو گھنور ٿاڻي تي پھتاسين پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو ھنن چيو ته پوليس اسان سان انصاف نٿي ڪري اسان جو ڳوٺ قاسم ماڇي قديم ڳوٺ آھي بااثر وڏيرو اسان کي لڏائي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو

ھنن ايس ايس پي بدين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، انساني حقن واري تنظيم ۽ وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.