مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

news

لاهور:(سومر 29 جون 2020ع) مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 3 هفتن جي واڌ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

ڪورونا جو شڪار اڳوڻي پنجاب جو وڏو وزير ميان شهباز شريف کي ڊاڪٽرن وڌيڪ 3 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي. جنهن سبب هن عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي  لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽرن مون کي وڌيڪ 3 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به درخواست سان گڏ آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عبوري ضمانت ۾ 3 هفتا واڌ ڪئي وڃي ۽ ضمانت مچلڪن تي صحيح ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.

شهباز شريف جي درخواست تي جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندو.