جاپان ۾ زخمي ماڻهوءَ جي زندگي بچائيندڙ ٻلي هيرو بڻجي وئي

news

ٽوڪيو: زخمي حالت ۾ بيهوش پيل هڪ ماڻهوءَ جي مدد ڪندڙ پاليل ٻلي هيرو بڻجي وئي.

جاپان ٽيليوزن موجب جاپان جي شهر ٽويوما جي ويجهو هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي ڏٺو ته سندس ٻلي مسلسل هڪ ويجهي پاڻي جي شاخ کي ڏسي رهي آهي ۽ بيچيني جو اظهار ڪري رهي آهي، ٻلي جي مالڪ کي ان تي تجسس ٿيو ۽ جڏهن  ٻليءَ جو پيڇو ڪندي ان طرف ڪجهه پري ويو ته اتي هن هڪ ماڻهوءَ کي زخمي حالت ۾ پيل ڏٺو.

ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ زخمي کي ڏسي ٻليءَ جي مالڪ ٻين ماڻهن کي به مدد لاءِ گهرايو جنهن کانپوءِ چار وڌيڪ ماڻهو مدد لاءِ پهچي ويا، ٻليءَ جي بروقت نشاندهي تي زخمي ماڻهوءَ جي زندگي بچي وئي جڏهن ته ٻليءَ کي اعترافي سند سان پڻ نوازيو ويو.