پاڪ انگلينڊ سيريز: سعيد اجمل انگلينڊ کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: (سومر 29 جون 2020ع)  اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سعيد اجمل  سيريز ۾ انگلينڊ کي فيوريٽ ۽ بنا تماشائين جي ميچز کي ڊيف ڪرڪيٽ قرار ڏئي ڇڏيو.

اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر سعيد اجمل چيو آهي ته بنا تماشائين جي ڪرڪيٽ ميچ بوريت وارا هوندا. هي  ائين ئي جيئن ڊيف ڪرڪيٽ جو ميچ هجي بهتر آهي ته بائيو سيڪيور ماحول ۾ پدرنهن کان ويهه سيڪڙو تماشائين کي گرائونڊ ۾ ويهاري ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هن سيريز ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جا امڪان تمام گهٽ آهن. هڪ ميچ کٽڻ به خوشقسمتي هوندو. وڊيو لنڪ تي ڳالهيون ڪندي سعيد اجمل چيو ته نئين قانون تحت ميچ انگلينڊ ۾ ته شروع ٿي ويندا پر دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان کي پريشاني ٿيندي.

منتظمين کي گهرجي ته 10 هزار تماشائين واري اسٽيڊيم ۾ هڪ هزار تماشائين کي اچڻ ڏنو وڃي. پاڪستاني ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي انهن جي لاءِ انگلينڊ جي سيريز مشڪل هوندي. پاڪستان جي لاءِ سيريز کٽڻ ممڪن نظر نه پيو اچي.