ڪورونا وائرس: ڪرڪيٽ ۾ هاڻ (بائيو سيڪيور جشن) ملهايو ويندو

news

لنڊن: (سومر 29 جون 2020ع) ڪرڪيٽ ۾ هاڻ(بائيو سيڪيور جشن) ملهايو ويندو. انگلينڊ جي رانديگرن کي ويسٽ انڊيز جي خلاف سيريز کان  اڳ ليڪچر ملندو.

ڪورونا خوشيون ملهائڻ جو انداز به بدلي ڇڏيو. وائرس جي ڊپ سبب رانديگر نه هڪ ٻئي سان هٿ ملائيندا ۽ نه ئي وري گلي لڳائيندا. هائي فائيو جي اجازت نه هوندي. وڪيٽ وٺڻ يا ڇڪي چوڪي جي خوشي ٺونٺ ٽڪرائي ملهايو ويندو. تفصيل موجب ڪورونا وائرس جتي زندگي جا طور طريقا تبديل ڪري ڇڏيا آهن اتي ئي ڪرڪيٽ جي روايتي طور تي طريقن  تي به سخت اثر ڇڏيا آهن.

عالمي وبا پکڙجڻ کان پوءِ 8 جولاءِ کان انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ 3 ٽيست ميچ جي سيريز سان پروفيشنل ڪرڪيٽ جي باقاعده شروعات ٿيندي. وائرس سبب ٻئي ٽيمون هن وقت بائيو سيڪيور ببل ۾ آهن. انهن کي پنهنجي لاڳاپيل گرائونڊ جي پاسي ۾ موجود هوٽلن ۾ ترسايو ويو ۽ سوشل ڊسٽنس سميت سمورن ضروري قدمن تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي.

ڪورونا وائرس سبب ميچ دوران جتي بال کي پِڪ سان چمڪائڻ تي پابندي هوندي اتي ئي رانديگرن کي به سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو وڪيٽ، ڇڪي يا چوڪي جي فتح جو جشن ملهائڻ جي پراڻي طريقي کي في الحال وساري ڇڏين.

کين هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ جي اجازت هوندي نه ئي وري گلي لڳائڻ جي. خوشي ملهائڻ جي لاءِ هو صرف پاڻ ۾ ٺونٺون ملائيندا. بائيو سيڪيور جشن جي لاءِ انگلينڊ جي رانديگرن کي سيريز کان اڳ هڪ ڀيرو خاص ليڪچر ڏنو ويندو.