روس آمريڪي فوجين کي قتل ڪرڻ جي لاءِ طالبان کي معاوضو ڏنو: آمريڪي ميڊيا

news

واشنگٽن: (سومر 29 جون 2020ع) مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ شايع ٿيندڙ ٻن خبرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روس افغانستان ۾ مقرر آمريڪي ۽ ٻين اتحادي فوجين کي قتل ڪرڻ جي لاءِ طالبان کي ڳجهي طور تي ڳرو معاوضو ڏنو جڏهن ته ان باري ۾ آمريڪي ڪمانڊرز ۽ جاسوسن  جنوري ۾ ئي پنهنجي اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو.

جنهن کان پوءِ هن سال مارچ ۾ آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين به ڊونلڊ ٽرمپ کي ان باري ۾ بريفنگ ڏني هئي جنهن ۾ روس جي خلاف پابنديون ۽ سفارتي سطح تي احتجاج جهڙيون تجويزون به ڏنيون ويون هيون پر آمريڪي صدر اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان خبر جي شايع ٿيڻ تي ڊيموڪريٽڪ ۽ ري پبلڪن پارٽي ٻنهي جي نمائندن ٽرمپ انتظاميه کان جواب طلب ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته آخر هو روس جي معاملي ۾ ايتري نرمي کان ڇو ڪم وٺي رهيو آهي.

وائٽ هائوس طرفان ان خبر جي ترديد ڪئي وئي آهي جڏهن ته آمريڪا ۾ روسي سفارتخاني ۽ افغان طالبان به ان خبر کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪا ۾ قومي سلامتي جي ڊائريڪٽر جان رينڪلف چيو آهي ته ٽرمپ کي ان باري ۾ ڪابه بريفنگ ناهي ڏني وئي. البته انهن آمريڪي فوجين جي قتل ۾ روس ۽ طالبان ۾ ڳجهن رابطن بابت  ڪجهه به ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو. جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آچر جي صبح پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ ان خبر جي سخت لفظن ۾ ترديد ڪندي نيويارڪ ٽائمز تي تنقيد ڪئي آهي.

واضح رهي ته هي خبر اهڙي وقت تي شايع ٿي آهي جڏهن آمريڪا ۽ طالبان ۾ امن معاهدي تي عمل  جاري آهي جنهن تحت طالبان آمريڪي فوجين کي افغانستان مان محفوظ واپسي ۽ ان تي حملا نه ڪرڻ جي ضمانت ڏني آهي.