اڏيرولال ۾ بدامني چوٽ، هڪ ئي هفتي ۾ چار وارداتو، پوليس ڪا به واهر نه ڪئي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

news

اوڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ: حافظ امتياز چنا) گذريل رات دير سان اوڏيرولال اسٽيشن پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ چنيسر خاصخيلي ۾ واپاري ۽ زميندار سيٺ دودو خاصخيلي جي گهر ۾ داخل ٿي نامعلوم هٿياربندن گهرڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گهر ۾ رکيل 6 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، اهڙي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکڙجي وڃڻ کان پوءِ مقامي ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري آيا ۽ بروقت ڏوهارين جو پيڇو ڪرڻ سان گڏ اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي پڻ ڏنو ويو پر پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي جاءِ واردات واري هنڌ نه پهتي ۽ ڏوهارين کي وڌيڪ وقت ملڻ سبب فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

 ڳوٺاڻن ڏوهارين جا پاڻمرادو پير کنيا، جيڪي ڪجهه فاصلي وڃڻ کان پوءِ گم ٿي ويا جڏهن ته علائقي ۾ بدامني واري صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرڻ سبب علائقي واسين اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي پوليس تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن کان مذڪوره ٿاڻي تي موجوده ايس ايڇ او منظور لکي جي مقرري ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين 10 جي لڳ ڀڳ ڏوهي وارداتون ٿي چڪيون آهن پر ان جي باوجود هن وقت تائين پوليس ڪوبه ڏوهارين خلاف قدم ناهي کنيو، جنهن ڪري علائقي جا رهواسي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيا ويا آهن.

 ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته حد ۾ آفيسرن جي آشيروارد سان آيل حد جو عملدار ڪڏهن به ڏوهن تي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهيو، تازو باغ جي واپاري علي نواز خاصخيلي کان پڻ ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ رهواسي عبدالحميد هنڱورو کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون پڻ ڦر ڪئي وئي، ٽين واردات ۾ انبن جي باغ تي ڪم ڪندڙ مزدور کان پڻ ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورو مزدور کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا.

 هوڏانهن ڳوٺ چنيسر خاصخيلي ۾ لڳل ڌاڙي واري عمل خلاف واپاري دودو خاصخيلي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي مٽياري جي اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻي غيرمحفوظ غريب ماڻهن کي ڏوهارين کان محفوظ بڻايو وڃي.