شهدادپور:ڳوٺ ميرمحمد وساڻ واسين جو زميندار تي ڪوڙن الزامن خلاف مظاهرو

news

شھدادپور(رپورٽ:سيفل عباس ساند) شهدادپور لڳ شجاع جکرو ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد وساڻ جي رهواسين رائمل ڪولهي، شنڪر ڪولهي، منجي ڪولهي، ڀيمو مينگھواڙ، ڀڳوان مينگهواڙ ۽ ٻين ھارين پنهنجي عزيزن خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته رامو ڪولهي، ڌرمون ڪولهي  ۽ ٻين زميندار اسحاق علي وساڻ خلاف نجي جيل جو ڪوڙو ڊرامو ڪري ڪوڙا الزام هڻي زميندار اسحاق وساڻ جو ميڊيا ٽرائل ڪري ان جي ساک کي خراب ڪري رهيا آهن.

 زميندار اسحاق علي وساڻ جي زرعي زمين تي ڪوبه نجي جيل ناهي، زميندار جو قرض ڦٻائڻ لاءِ ڊرامي بازي ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته ڊرامي باز ھاري سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباھ ڪرڻ لاء هٿراڌو ڊراما ڪري معزز زميندارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. 

هنن چيو پوليس ڇاپي دوران ڌرمو ڪولهي ۽ ٻيا سڀ آزادي سان گهمي ڦري رهيا هئا، اسان ٽن پشتن کان هتي زميندار اسحاق علي وساڻ وٽ آباد آھيون ۽ اسحاق وساڻ جي زرعي زمين تي هارپو ڪندا پيا اچون، ھر فصل تي اسان کي حساب ڪري معاوضو پڻ ڏنو وڃي ٿو.

 هنن مطالبو ڪيو ته اهڙن ڊرامي بازن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.