پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلبھار جتوئي ۾ 25 ورهين جي شمشاد جتوئي کي سندس ڏير سوڍل جتوئي ڪارنھن تھمت سبب قتل ڪيو، اطلاع بعد سانگي پوليس پھچي عورت جو لاش کڻائي پني عاقل جي تعلقہ اسپتال پھچايو.
ان حوالي سان حد جي ايس ايڇ او ثناء اللہ کونھارو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏھن تہ مٿس ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ـ