ڇهن قومي رانديگرن جي ٻيون ڀيرو به ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو، لنڊن وڃڻ لاءِ تياريون شروع

news

لاهور: (اڱارو 30 جون 2020ع) ڪورونا ٽيسٽ ٻيون ڀيرو نگيٽو اچڻ تي 6 قومي رانديگر انگلينڊ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ کي جوائن ڪرڻ جي اهل ٿي ويا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) موجب محمد حفيط، وهاب رياض، فخرزمان، محمد رضوان، شاداب خان ۽ محمد حسنين جي گذريل ٽن ڏينهن ۾ ڪورونا 19 جون 2 ٽيسٽون نگيٽو آيون هيون اهڙي طرح هاڻ هو ووسٽر شائر ۾ موجود قومي رانديگرن جي ٽيم کي جوائن ڪرڻ جي اهل ٿي ويا آهن. ان رانديگرن جي ري ٽيسٽنگ گذريل ڏينهن مقامي هوٽل ۾ ٿي هئي ۽ ان کان اڳ 26 جون تي ٿيندڙ ٽيسٽنگ ۾ به ان 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو آئي هئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هاڻ ان 6 رانديگرن کي انگلينڊ جي سفر جي انتظامن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پي سي بي انگلينڊ روانگي کان اڳ 28 رانديگرن ۽ مينجمنيٽ جي 12 ميمبرن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪرايا هئا جن مان 18 رانديگرن ۽ 11 مينجمينٽ جي ميمبرن جا ٽيسٽ نگيٽو آيا ۽ ٻئي ٽيسٽ ۾ رزلٽ  نگيٽو اچڻ تي پاڪستان اسڪواڊ 29 جون تي صبح جو انگلينڊ روانا ٿي ويا هئا.