بلوچستان ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ پندرنهن ڏينهن جي واڌ

news

ڪوئٽه: (اربع 01 جولاءِ 2020ع) بلوچستان جي حڪومت سڄي صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ جاري اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي جا تعليمي ادارا 15 جولاءِ تائين بند رهندا. بازارون ۽ مارڪيٽون صبح 9 کان شام 7 وڳي جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور، تندور، ڊيري پروڊڪس، درزي جون دڪانون، هوٽلون، هوم ڊليوري جي لاءِ 25 ڪلاڪ کليل رهندا. پر فارم هائوس، شادي هال ۽ پڪنڪ پوائنٽ لاڳيتو بند رهندا.