مورو ۾ هٿياربندن پاران گهر ڀاتين کي يرغمال ڪري لکين روپين جو ڌاڙو، ڦورو پوليس هٿان گرفتار

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) مورو شھر جي لطيف ڪالوني مان رحمت بيٽري سروس جي مالڪ غلام سرور آرائين دڪان بند ڪري گھر پھتو تہ سندس تاڙ م بيٺل 4 نامعلوم ڦورو سندس پٺيان گھر م داخل ٿي گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪري لکين رپيا ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

 اھڙي اطلاع ملڻ ٿي ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير ۽ ايس ايچ او عبدالمنعيم لاڙڪ واقعي واري ھنڌ پھچي متاثر غلام سرور آرائين کان تفصيل ورتا ۽ مورو پوليس جانچ شروع ڪندي ماھرن کي گھرائي جديد مشينري ذريعي علائقي جي جيو فينسينگ ڪرائي ۽ پيري جي مدد سان مورو پوليس ڦر ۾ ملوث ھڪ جوابدار نديم ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو جنھن جانچ دوران ڏوھ جو اعتراف ڪندي ڏوھ ۾ ملوث ٻين ڏوھارين امجد ماڇي، بلاول ماڇي ۽ وسيم ماڇي جا نالا ٻڌايا.

 چارئي ڦورو شھر جي اوڏ ڪالوني جا ويٺل آھن مورو پوليس ٻين ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ سندن گھرن ٿي پڻ چھاپا ھڻي رھي آھي، ڏوھاري پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.