ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو ايندي ئي رانديگرن بيٽ ۽ بال سنڀالي ورتا

news

لاهور: (اربع 01 جولاءِ 2020ع) ڪورونا جي ٽيسٽ نگيٽو ايندي ئي رانديگرن بيٽ ۽ بال سنڀالي ورتا. پاڪستان ۾ پهرين ڪورونا ٽيسٽ ۾ 10 رانديگرن ۽ مساجر ملنگ علي جون رپورٽون پازيٽو آيون هيون. 18 رانديگرن ۽ 11 سپورٽ اسٽاف جي ميمبرن جو نتيجو نگيٽو اچڻ تي انهن کي لاهور جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ بائيو سيڪيور ماحول تائين محدود ڪيو ويو.

ٻئي ٽيسٽنگ ۾ به نيگيٽو اچڻ کان پوءِ انهن  کي چارٽرڊ  جهاز ذريعي انگلينڊ موڪليو ويو. ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ کان پوءِ ريزوز ۾ ئي روحيل نذير ۽ موسيٰ خان به گڏ روانا ٿيا. مهمان اسڪواڊ ووسٽر ۾ 14 ڏينهن جو قرنطينه ڪري رهيا آهن.  بالنگ ڪوچ وقار يونس آسٽريليا کان سڌو سنئون انگلينڊ پهچي اسڪواڊ کي جوائن ڪيو. فزيو ڪلف ڊيگن  سومر جي رات ڏکڻ آفريقا کان پهتا.

صرف پريڪٽس جي لاءِ اسڪواڊ جو حصو بنجندڙ ظفر گوبر اڳ ئي انگلينڊ ۾ موجود هو جتي هو ڪيمپ ۾ شامل ٿي ويو. سومر تي قومي اسڪواڊ جي انگلينڊ ۾ پهرين ٽيسٽنگ جي لاءِ سيمپل انگلش بورڊ جي ميڊيڪل پينل ورتا هئا جنهن جون رپورٽون اڱاري تي ملي ويون هيون جنهن موجب ووسٽر ۾ موجود 21 رانديگرن ۽ 13 ٽيم مينجمينٽ ميمبرن جي ٽيسٽ نگيٽو آيون هيون.

قومي رانديگرن کي ٽريننگ جي اجازت ملي وئي. اڳ 20 رانديگرن ۽ 12 معاون اسٽاف ميمبرن جا نتيجا سامهون آيا. جنهن کان پوءِ دير سان  اسڪواڊ کي جوائن ڪندڙ ظفر گوبر ۽ فزيو ڪلف ڊيڪن جي ٽيسٽ جون رپورٽون به نگيٽون آيون.