مورو ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس جو ڇاپو، هڪ سئو لٽر ڪچو شراب هٿ

news

مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو پوليس ڳجھي اطلاع تي دادو روڊ ڀٽائي ڪالوني مورو ۾ ھڪ جاءِ تي ڇاپو ھڻي ھڪ سئو ليٽر ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪرڻ جو دعويٰ ڪئي آھي ۽ ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ شھزادو ولد جيئند سومرو مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو.

 ان موقعي تي ايس ايڇ او مورو عبدالمنعيم لاڙڪ ٻڌايو تہ اسان کي ھڪ اطلاع مليو جنھن تي پوليس ساڻ ڪري ڀٽائي ڪالوني ۾ جاءِ تي ڇاپو ھنيو جتان جوابدار شھزادو سومرو کي گرفتار ڪيو ۽ گھر مان ھڪ سئو ليٽر ڪچو شراب پڻ برآمد ٿيو.

 ھن چيو تہ منشيات فروشن کي ھرگز بخش نہ ڪيو ويندو ۽ ڏوھارين کي گھرجي تہ اھي ڏوھ کان پاڻ کي آجو ڪن ٻي صورت سخت قانوني ڪارروايون ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سزا ڏياري ويندي.