ٽنڊوڄام:نام نهاد واپاري طرفان ڪردار ڪشي ڪرڻ تي صحافين جو احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام پريس ڪلب جي صدر خادم لاکو، چيئرمين ايگزيڪٽيو ڪميٽي اورنگزيب ڀٽو، سينيئر صحافي علي محمد جمالي، محمد اختر، مستنصر علي جمالي، حامد گوھر، مرتضى چانڊيو، عمران سوھو، عرفان مگسي، شوڪت پنھور، مشتاق مگسي، ڪريمداد ٿهيم، فيصل لغاري ۽ ٻين ٽنڊوڄام جي نام نھاد تاجر اڳواڻ پپو راجپوت پاران ھڪ تقريب ۾ صحافين جي ڪردار ڪشي واري ڪڌي عمل تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته هٿ ٺوڪيو تاجر اڳواڻ تاجر تنظيم جي آڙ ۾ ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ٻڌ ڇوڙ ڪرائڻ ۽ منشيات فروشن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ ٽنڊوڄام جي صحافين پاران منشيات خلاف خبرون هلائڻ تان مڇرجي ڪري ٽنڊوڄام جي صحافين خلاف هٿ ٺوڪيا الزام مڙهي صحافين جي ڪردارڪشي ڪري رهيو آهي. 

هنن آئي جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان گھر ڪئي ته معاملي جي اعلى سطحي جاچ ڪرائي، نام نھاد تاجر اڳواڻ پپو راجپوت خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.