نئون ڪوٽ: پوليس جو ڳوٺ بخش علي ٽنگڙي ۾ گهر تي ڇاپو، جوابدار فرار، هڪ اهلڪار زخمي

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ:پيار علي نهڙيو) فضل ڀنڀرو ڀرسان ڳوٺ بخش علي ٽنگڙي ۾ وڄوٽو پوليس جو عدالت جي حڪم تي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي ڇاپو جوابدارن ۽ وڄوٽو پوليس ۾ جهيڙو نتيجي ۾ جوابدارن دل ٽنگڙي ۽ جمعو ٽنگڙي هڪ پوليس اهلڪار جمعو ڏيسر کي ٻانهن ۾ ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او وڄوٽو آمين جوڻيجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار اشتهاري ڏوهاري آهي، ڳجهي اطلاع تي گهر تي ڇاپو هنيو ته جوابدار دل ٽنگڙي ۽ سندس پٽ جمعو ٽنگڙي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار کي پڪڙڻ لاءِ پيڇو ڪرڻ تي جوابدارن ڪهاڙيون هڻي اهلڪار جمعو ڏيسر کي زخمي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

 ٻنهي جوابدارن خلاف وڄوٽو ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.