ڇا اوهان جي برائوزر ۾ به يو ٽيوب ناهي هلي رهيو؟ ان جو سبب ۽ حل جي ڄاڻ وٺو!

news

واشنگٽن: (خميس 02 جولاءِ 2020ع) مائيڪروسافٽ جو نئون برائوزر ان وقت ڪيترن ئي صارفين جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل هوندو آهي ڇو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ ڪروميم ٽيڪنالاجي سان گڏ لانچ ڪيل نئين(مائيڪرو سافٽ ايج) برائوزر تي يو ٽيوب ناهي هلي رهيو.

نائن ٽو فائيو گوگل جي هڪ رپورٽ موجب مائيڪرو سافٽ ايج جا صارفين جڏهن يو ٽيوب تي ڪنهن وڊيو کي هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته انهن کي صرف هڪ ڪاري اسڪرين نظر ايندي آهي جنهن سان گڏ انهن کي پيغام ملندو آهي ته(هڪ مسئلو ٿيو آهي ٿوري دير بعد ڪوشش ڪريو) اهڙي مسئلي جو بنيادي سبب اشتهار بلاڪ ڪندڙ سافٽ ويئرز آهن يعني هي مسئلو ان وقت صارفين کي پيش ايندو آهي جڏهن انهن وٽ ڪوبه ايڊ بلاڪر يا ايڊبلاڪ پلس جي اسڪٽي ايڪسٽينشن انسٽال ٿيل هجي.

مائيڪرو سافٽ پنهنجي برائوزر جي اندر موجود ان غلطي کي مڃيو آهي ۽ هڪ بلاگ پوسٽ جي ذريعي صارفين کي آگاهه ڪيو آهي ته هن مسئلي کي فوري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مائيڪروسافٽ فوري طور تي صارفين کي مشورو ڏنو آهي ته مسئلي جي مستقل حل تائين هو ايڊ بلاگ کي ڊس ايبل ڪري يو ٽيوب تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.