انڊونيشيا جي فقيرن خيرات گهرڻ لاءِ انوکو روپ اختيار ڪري ورتو

news

جڪارتا: (خميس 02 جولاءِ 2020ع) عام طور تي فقيرن کي پراڻا ڪپڙا ۽ هٿ ۾ ڪشڪول کڻندي ڏٺو ويندو آهي  پر اڄ اسان اوهان کي انڊونيشيا جي انوکن فقيرن جي باري ۾ ٻڌائڻ وارا آهيون.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب انڊونيشيا ۾ روڊن تي انوکن فقيرن کي ڏٺو پيو وڃي جنهن کي(سلور مين) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي فقير مقامي اسٽريٽ پرفارمر مان متاثر آهن جنهن کان پوءِ هنن پنهنجي پوري جسم تي سلور رنگ جو پينٽ ڪري رکيو آهي جنهن سبب هي ڪنهن ڌات جيان نظر ايندا آهن. فقيرن موجب هنن پنهنجي پوري جسم کي سلور رنگ سان ان لاءِ رڱيو آهي ته جيئن ماڻهو ان مان متاثر ٿي اسان کي وڌيڪ خيرات ڏين يا ڌيان ڇڪجڻ سبب ماڻهو اسان کي وڌيڪ پئسا ڏين.

انڊونيشيا جا هي فقير پنهنجي جسم کي سلور رنگ سان رنگڻ کان پوءِ هٿ ۾ هڪ ڪارڊ باڪس کڻي مصروف روڊن ۽ گهٽين ۾ گشت جي لاءِ نڪري ويندا آهن. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته هو ان فقيرن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندا ۽ ماڻهن کان پئسا گهرڻ تي سندن مٿان ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو.