سلامتي ڪائونسل پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت

news

نيويارڪ: (خميس 02 جولاءِ 2020ع) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

سلامتي ڪائونسل جي جاري ڪيل بيان ۾ شهيدن جي وارثن ۽ پاڪستان جي حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان دهشتگردي ۾ ملوث عناصرن ان جي سهولتڪارن ۽ حامين کي گرفتار ڪرڻ تي زور ڏنو. سلامتي ڪائونسل ۾ ان مذمتي بيان جو مطالبو چين جي طرفان ڪيو ويو هو ۽ ڪائونسل جي سمورن ميمبرن گڏيل طور تي ان مذمتي بيان جي حمايت ڪندي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

سيڪريٽري جنرل، صدر جنرل اسيمبلي ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ اڳ ئي مذمتي بيان جاري ڪري چڪا آهن. پاڪستان واضح طور تي چئي چڪو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ڀارتي ڳجها ادارا ملوث آهن.

سلامتي ڪائونسل طرفان مذمتي بيان عالمي برادري طرفان پاڪستان جي دهشتگردي کان بچاءُ واري حڪمت عملي جو ثبوت آهي.