نئون ڪوٽ:سول اسپتال جي ٽن ملازمن ۽ هڪ مريض جي ڪورونا ٽيست پازيٽو

news

نئون ڪوٽ(رپورٽ:پيار علي نهڙيو) سول اسپتال جي ٽن ملازمن سميت هڪ مريض جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچئي وئي جنهن ۾ ڪشور سوئيپر، غلام مرتضي چانڊيو ڊرائيور، محمد حسن راهمون بورچي ۽ هڪ ٽي بي جو مريض نالي پنهون شامل آهن جن جي ڪرونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ پوءِ کين گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.

 نئون ڪوٽ ۾ ڪرونا مريضن جو تعداد 6 ٿي ويو، سول اسپتال جي چئن ملازمن جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ علائقي واسين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.