شهروزسبزواري ۽ صدف ڪنول ٽيلي فلم ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

لاهور: (خميس 02 جولاءِ 2020ع) شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويل شوبز جوڙي  شهروز سبزواري ۽ صدف ڪنول جلد ٽيليويزن اسڪرين تي جلوا ڏيکاريندا.

اداڪار شهروز سبزواري پنهنجي ٻئي گهر واري صدف ڪنول سان گڏ جلد(گهر جو نه گهاٽ جو) ٽيلي فلم ۾ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا. ٻنهي اداڪارن جو گڏجي ڪم ڪرڻ وارو هي پهريون پروجيڪٽ آهي ۽ شادي کان پوءِ به ٻنهي جو هي پهريون پروجيڪٽ هوندو.

في الحال هن ٽيلي فلم جي عڪسبندي ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين جهلڪ جون ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.

واضح رهي ته شهروزسبزواري ماڊل صدف ڪنول سان هلندڙ سال مئي ۾ ٻئي شادي ڪئي هئي ان کان اڳ ان جي  پهرين گهر واري اداڪاره سائره هئي جنهن کان هن پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن.