ڪورونا وڌيڪ اٺهتر حياتيون ڳڙڪائي ويو، وائرس سبب ٻه لک سترنهن هزار اٺ سئو نو شهري متاثر

news

اسلام آباد: (خميس 02 جولاءِ 2020ع)  پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 17 هزار 809 تائين پهچي ويو جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 78 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 4 هزار 473 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 339 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 77 هزار 740، سنڌ ۾ 86 هزار 795، خيبرپختونخواهه ۾ 26 هزار 938، بلوچستان ۾ 10 هزار 608 گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 511. اسلام آباد ۾ 13 هزار 82 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 135 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. 

سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 13 لک 27 هزار 638 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 128 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين هڪ لک 4 هزار 694 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 2 هزار 723 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ 78 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ موذي وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 4 هزار 473 ٿي وئي. پنجاب ۾ هڪ هزار 784، سنڌ ۾ هڪ هزار 406، خيبرپختونخواهه ۾ 973، اسلام آباد ۾ 129، بلوچستان ۾ 121، گلگت بلتستان ۾ 28 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 32 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.