اوڏيرولال اسٽيشن جي سوڪ سينٽر ڪالوني ۾ رهندڙ کوسا برادري جي ماڻهن جو پوليس ڏاڍ خلاف احتجاج

news

اوڏيرولال: اوڏيرولال اسٽيشن جي سوڪ سينٽر ڪالوني ۾ رهندڙ کوسا برادري جي ماڻهن حاجي الهڏنو کوسو، معشوق کوسو، غلام علي کوسو، موسيٰ کوسو، شير کوسو، اسماعيل کوسو، سلطان کوسو ۽ ٻين عمر ساند پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته پوليس بنا جواز اسان جي گهرن تي رات جي بيگاهه وقت چڙهائي ڪري گهرن ۾ داخل ٿي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪرڻ کانپوءِ سونو کوسو سميت مسمات راڻي کوسو، مسمات سڪينا کوسو، مسمات زينب کوسو، مسمات مارل کوسو ۽ معصوم ٻارڙن صادق، حمزه ۽ جنيد کي پڻ گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته داسوڙي مان هڪ سال اڳ ٿيل چوري جي الزام ۾ پوليس اهڙي ڪارروائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ سان گڏ گهرن ۾ پيل روڪ رقم ساڍا ست لک رپيا، 15 قرباني جا ٻڪرا، اٺ موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي ويا آهن. هنن چيو ته عمر ساند ٿاڻي جو ايس ايڇ او علڻ عباسي بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي اسان خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ان موقعي تي الهه ڏني کوسي ۽ ٻين چيو ته اسان پاڻ زميندار ماڻهو آهيون، اسان تي چوري جو الزام هڪ سازش آهي. هُنن اهو به چيو ته اڳ ۾ اسان داسوڙي لڳ رهائش پذير هئاسين، جتي ساڳي ماڻهن اسان جي مٿان پوليس چڙهايون ڪري اسان کان زمينون ۽ گهر گهاٽ وڪرو ڪرايا، جنهن کان پوءِ اسان اوڏيرولال اسٽيشن ۾ رهائش اختيار ڪري زندگي گذاري رهيا هئاسين ته وري ساڳي بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي عمر ساند پوليس اسان خلاف ٻيهر ڪارروايون ڪري اسان جي عورتن ۽ ٻارن کي گرفتار ڪري خبر ناهي انهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي.

هنن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. الهه ڏني کوسي وڌيڪ ٻڌايو ته اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي اسان جي مٿان پوليس سان مقابلي جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا سراسر اسان خلاف سازش آهي. هنن چيو ته هي شهر آهي جيڪڏهن ڪو به ايماندار آفيسر جاچ ڪري ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.

هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته عمرساند پوليس جي تحويل ۾ ورتل اسان جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي پوليس نقصان ڏئي سگهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اهڙي ڪريل عمل خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.