جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي مالي سال جي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي مالي سال 2020-21 جو بجيٽ اجلاس، ڪل آمدني 95 ڪروڙ 46 لک 76 ھزار 40 روپيا ظاھر، ڪل خرچو 95 ڪروڙ 44 لک 62 ھزار 498 روپيا ڏيکاريو ويو، 2 لک 13 ھزار 542 روپين جي بچت  واري بجيٽ پيش، ميمبرن اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي.

خبر موجب جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي مالي سال 2020-21 جي بجيٽ ميونسپل چيئرمين جي آفيس ۾ چيئرمين آصف مغيري ۽ چيف ميونسپل آفيسر نصراللہ سرڪي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي آهي مالي سال لاءِ ڪل آمدني 95 ڪروڙ 46 لک 76 ھزار 40 روپيا  ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته ڪل خرچ 95 ڪروڙ 44 لک 62 ھزار 498 روپيا ڏيکاريو ويو آهي 2 لک 13 ھزار 542 روپين جي بچت ڏيکاري وئي اجلاس ۾ ميمبرن اتفاق راءِ سان پيش ڪيل بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي، مالي سال جي آمدني ۾ او زيڊ ٽي شيئر 37 ڪروڙ 53 لک، ٽيڪس جي اوڳاڙي 1 ڪروڙ 85 لک 69 ھزار 650 روپيا، فيس آمدني 70 لک 30 ھزار، مسواڙون 70 لک 30 ھزار روپيا ٽوٽل روينيو آمدني 41 ڪروڙ 4 لک 25 ھزار 538 روپيا ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته بقاياجات 45 لک 50 روپيا، صفائي سٿرائي ۽ واٽر سپلائي لاءِ سنڌ حڪومت کان ملندڙ 26 ڪروڙ،  سنڌ حڪومت کان ترقياتي ڪمن لاءِ ملندڙ گرانٽ  26 ڪروڙ 75 لک 86 ھزار 288 روپيا ڏيکاريو ويو گذريل سال 2019-20 جي بچت 1 ڪروڙ 21 لک 14 ھزار 169 روپيا ڏيکاري وئي آهي اھڙي طرح مجموعي آمدني 95 ڪروڙ 46 لک 76 ھزار 40 روپيا ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته خرچ جو تخمينو پگھارون ۽ پينشن لاءِ 27 ڪروڙ 9 لک 39 ھزار 402 روپيا، متفرقه خرچ لاءِ 15 ڪروڙ 25 لک 72 ھزار، گورنمينٽ جون لازمي ادائگيون 21 لک 20 ھزار، واجبات جي ادائگي 2 ڪروڙ 92 لک روپيا، سماجي فلاح بھبود لاءِ 16 ڪروڙ 9 لک 26 ھزار 915 روپيا، نئين ملازمن جي ڀرتي لاءِ 3 ڪروڙ 90 لک  96 ھزار 288 روپيا جملي روينيو خرچ 65 ڪروڙ 48 لک 54 ھزار 605 روپيا، ميونسپل جائيدادن جي مرمت لاءِ 1 ڪروڙ 52 لک، نون ترقياتي ڪمن 6 ڪروڙ روپيا رکيا ويا ڪم ظاھر نه ڪيا ويا آهن، رھيل ترقياتي ڪمن جي بلن لاءِ 22 ڪروڙ 24 لک 7 ھزار 893 روپيا، ھلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي واجبات لاءِ 20 لک روپيا سميت 29 ڪروڙ 96 لک 7 ھزار 899 ڏيکاريو ويو جڏهن ته روينيو جي 65 ڪروڙ 48 لک 54 ھزار 605 ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته ٽوٽل خرچو 95 ڪروڙ 44 لک 62 ھزار 498 ڏيکاريو ويو آهي

جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڪائونسلر ستار بروهي نشاندهي ڪندي چيو ته مال پڙي جو ٺيڪو ھڪ ڪروڙ 12 لک 90 ھزار ۾ ٿيو آهي جڏهن ته بجيٽ اجلاس ۾ 2 ڪروڙ روپيا مال پڙي جي مرمت لاءِ رکيا ويا آهن جيڪي ڪرپشن جي ور ۾ چڙهي ويندا اھڙي نشاندهي بعد اجلاس ۾ ويٺل سڀ ميمبر حيران ٿي ويا جڏهن ته بجيٽ جي اجلاس ۾ وارڊ ميمبر ھارون رشيد سومرو احتجاج ڪندي چيو آهي ته ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين روپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن پر شھر ۾ ڪٿي به ترقياتي ڪم نظر نه اچي رھيا آھن شھر کنڊرات بڻيل آهي.

جڏهن ته ميونسپل اسيمبلي ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد 46 آهي پر بجيٽ اجلاس ۾ ميمبرن جي اڪثريت شرڪت نه ڪئي اجلاس ۾ ٽوٽل 21 ميمبر موجود هئا پيش ڪيل بجيٽ متفق راءِ سان منظور ڪئي وئي.