پي آءِ اي ۾ ڪوڙي ڊگري رکندڙ پنجويهه ملازم گهر ڀيڙا

news

اسلام آباد: قومي ايئرلائن پي آءِ اي هيومن ريسورس ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ليٽر موجب ڪوڙيون ڊگريون رکڻ تي 25 ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي.

ليٽر موجب لاڳيتو غيرحاضري تي 21 ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي هڪ ملازم کي معطل ڪيو ويو.

ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته آفيشل انفارميشن کي سوشل ميڊيا تي ليڪ ڪرڻ تي به 2 ملازمن کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اطلاق جي قابل رولز جي ڀڃڪڙي تي به 2 ملازمن کي تنزلي ۽ ڊيوٽي دوران گم هجڻ تي هڪ ملازم کي معطلي جي سزا ڏني وئي.

ليٽر موجب سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي 11 ملازمن کي تعريف جي سند سان نوازيو ويو