پاڪستان ۽ عمران خان ٻئي گڏ نٿا هلي سگهن:بلاول

news

لاهور: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه هاڻ صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته پاڪستان ۽ عمران خان ٻئي گڏ نٿا هلي سگهن.

بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس لاهور ۾ پي پي ڏکڻ پنجاب جي اڳواڻن سان وڊيولنڪ ذريعي ملاقات ڪئي ۽ اجلاس جي به صدارت ڪئي جنهن ۾ پي آءِ اي جي سي بي اي يونين جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي گفتگو ڪندي هن چيو آهي ته اهل حڪومت کي هر فورم تي بي نقاب ڪنداسين،2 سالن ۾ عمران خان سواءِ الزامن جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو، عمران خان هاڻ عوام لاءِ ناقابل برداشت ٿي ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئريمن چيو ته سيڪشن 29 جي خاتمي لاءِ سول ايوايشن يونين سان گڏ آهيون، ايئرپورٽس کي سيڪيورٽي ادارا به استعمال ڪندا آهن، جن جو وڪرو ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو.

هن جو چوڻ هو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سموري ملڪ جا مزدور ۽ ورڪرز عمران خان جي فاشست حڪومت خلاف متحد ٿين، حڪومت پنهنجي اناهلي جي ڪري پي آءِ اي جي اڏامن تي عالمي پابندي لڳرائي ڇڏي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جا اثاثا قوم جي ملڪيت آهن ۽ قوم پنهنجي ملڪيت جي حفاظت ڪندي.