بالي ووڊ جي مشهور ڪوريوگرافر سروج خان فوت ٿي وئي

news

ممبئي: باليووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور ڪوريوگرافر سروج خان ممبئي ۾ فوت ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب سروج خان جي فوت ٿيڻ جي تصديق سندس ڌيءَ سڪينا خان ڪئي.

72 سالن جي سروج خان شوگر ۽ دل جي عارضي ۾ ورتل هئي، هن ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ هڪ چائلڊ اسٽار جي حيثيت سان قدم رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس ڪيريئر جي شروعات ٿي وئي.

سروج خان باليووڊ جي مشهور ناچڻين سري ديوي ۽ ماڌوري سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي گانن تي رقص جون هدايتون ڏنيون.

سروج خان سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ديوداس جي گاني ڊولاري، فلم تيزاب ۾ ماڌوري ڊڪشٽ جي گاني ايڪ دو تين، مسٽر انڊيا ۾ گاني هوائي هوائي سميت ڪيترن ئي گانن جي ڪوريوگرافي ڪئي.