لاڪ ڊائون ۾ سفر ڪاڻ بيتاب ماڻهن جي لاءِ نقلي اڏامن جي شروعات

news

هانگ ڪانگ: تائيوان ۾ هڪ هوائي اڏي تي چيڪ ان، پاسپورٽ جي جاچ ۽ سيڪيورٽي وغيره کان پوءِ جهاز ۾ سوار ڪيو وڃي ٿو پر اها اڏام ڪيڏاهن به نه ٿي وڃي، عالمي سطح تي پنهنجي حڪومت هلائيندڙ وبا سبب گهرن ۾ قيد اهڙا ماڻهو جيڪي گهمڻ ڦرڻ جا شوقين آهن پر گهر ويهي ويهي ذهني مريض بڻجي چڪا آهن، انهن جي لاءِ تائپي جي شونگان هوائي اڏي تي اهڙي سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي. 

شروعاتي طور تي 60 ماڻهو شريڪ ٿيا، انهيءَ نقلي سفر جي لاءِ مجموعي طور تي 7 هزار ماڻهن حصو وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو هو جن مان ڪڻن ذريعي مسافرن کي چونڊيو ويو.

 ڪمپني موجب اهو سلسلو ايندڙ ڪجهه هفتن تائين جاري رهندو، هوائي اڏي تان شروع نه وري ختم ٿيڻ واري انهيءَ سفر ۾ شامل ٿيڻ وارن ماڻهن کي معمولي ڪارروائي کان گذارڻ بعد کين جهاز ۾ ويهاريو ويو، جتي جهاز جي عملي زمين تي هوندي ئي مسافرن جي خدمت ڪئي.

 انتظاميه جو چوڻ آهي ته هوائي سفر انتهائي محدود ٿي چڪو آهي، انهيءَ سروس جو مقصد شهرين کي ذهني طور تي فريش ڪرڻ ۽ کين انهي ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ هو ته ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.