فتح جنگ: کوهه جي صفائي دوران گيس ڀرجي وڃڻ سبب ڇهه مزدور اجل جو شڪار

news

فتح جنگ: کوهه جي صفائي دوران گيس جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 ماڻهن جي زندگيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويو.

ريسڪيو عملدارن موجب واقعو ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ڍوڪ مليار ۾ پيش آيو آهي جتي مزدور کوهه جي صفائي ڪري رهيا هئا ته ان دوران گيس ڀرجي وئي جنهن سان ساهه ٻوساٽجڻ ڪري 6 مزدورن جي زندگيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويو.

ريسڪيو عملدارن موجب واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ ريسڪيو عملدار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ هاڻ لاشن کي کوهه مان ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.