بولنگ ڪوچ وقار يونس جو انگلينڊ ۾ رانديگرن جي فٽنس تي تبصرو

news

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ جي بولنگ ڪوچ وقار يونس ڪرڪيٽرز جي فٽينس مان خوش آهي ۽ چوي ٿو ته رانديگرن کي بهتر حالت ۾ ڏسي سٺو لڳو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هنن ڏينهن ۾ انگلينڊ جي شهر ووسٽر ۾ قيام ڪيل آهي جتي هو بائيوسيڪور ماحول ۾ رهندي انگلينڊ خلاف سيريز جي تيارين ۾ لڳل آهن.

ٽريننگ سيشن دوران پاڪستان ٽيم ٻه انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس ميچز به کيڏندا.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بولنگ ڪوچ وقار يونس آسٽريليا کان انگلينڊ پهچي ٽيم کي جوائن ڪيو، وقار يونس پي ايس ايل ملتوي ٿيڻ کانپوءِ لاهور کان سڊني هليو ويو ۽ فلائٽ آپريشن معطل ٿيڻ ڪري وقار يونس پاڪستان نه اچي سگهيو هو

وقار يونس چيو آهي ته ووسٽر ۾ جيئن ئي ڪرڪيٽرز جا ڪورونا ٽيسٽ منفي آيا سڀني ڪرڪيٽرز فوري طور تي ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي، ڇو هو ته ٽي ساڍا ٽي مهينا گهرائونڊ نه وڃي سگهيا هئا.

وقار يونس جو چوڻ آهي ته سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته رانديگر هن وقت بهتر حالت ۾ آهن ۽ هنن پاڻ کي فٽ رکيو آهي، توڙي جو کڻي هو رانديگرن سان نه پئي ملي سگهيو پر مختلف طريقن سان رانديگرن سان رابطو رکيو ۽ انهن جي رهنمائي جاري رکي.