بدين ضلعي جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي: محمد نواز چانڊيو

news

ڪڙيوگهنور: بدين ضلعي جي مختلف شهرن گولاڙچي، ٽنڊو باگو، کوسڪي، سيراڻي، تلهار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن کي سيراب ڪندڙ سمورن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سيڊا سنڌ جي اڳوڻي چيئرمين محمد نواز چانڊيو صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو ذميوار چيف انجنيئر ڪوٽڙي کي قرار ڏيندي سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي پ پ ايم پي اي ۽ اڳوڻي سيڊا چيئرمين محمد نواز چانڊيو چيو ته بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن کي هڪ ته ڇهه مهينا پاڻي ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻيو وري هن وقت ساريال جي فصل پوکجڻ جي ٽائيم تي چيف انجنيئر ڪوٽڙي من پسند بااثر ماڻهن کي پوڇڙ جي آبادگارن جو پاڻي وڪڻي رهيو آهي، جنهن سبب بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل ساريال جو فصل ۽ ٻيجارو سڙي رهيو آهي.

اسان وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته معاملي جو سخت نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي گهر ڀيڙو ڪري لاڙ جي آبادگارن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته آبادگار هڪ طرف ماڪڙ جي ڪري تباهي جو شڪار آهن ته ٻئي طرف پاڻي جي هٿرادو کوٽ برداشت ڪونه ڪئي ويندي ۽ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، پيپلزپارٽي جي ورڪرن آبادگارن کي پنهنجي ئي حڪومت ۾ روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي ۽ فوري نوٽيس ورتو وڃي.