پ پ شهيد ڀٽو پاران سعيدآباد پوليس ٽريننگ سينٽر جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج، ريلي، ڌرڻو

news

حيدرآباد: پاڪستان پيپلزپارٽي (شھيد ڀُٽو) ضلعي حيدرآباد پاران سعيدآباد پوليس ٽريننگ سينٽر ڪراچي جو نالو اسان جي قائد شھيد مير مُرتضيٰ ڀُٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتل ۽ اڳوڻي اي آءِ جي پوليس شاھد حيات جي نالي سان رکڻ خلاف ھڪ ڀرپور احتجاجي ريلي ريڊيو پاڪستان چوڪ کان ڪڍي ايس ايس پي آفس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.

جنھن ڌرڻي ۾ سوين  پارٽي ڪارڪنن ۽ ھمدردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ضلعي صدر شُھاب ڊومڪي، سي سي ميمبر محبوب سيال، فيروزه لاشاري، صوبائي اڳواڻ مجيد سيال، پرويز بلوچ، عليم قُريشي، سيد حسنين شاهه، رشيد ناريجو، راشد قُريشي، طاھر بلوچ، امدا ڊومڪي، سُھيل پتوجو، سعدُالله پنھيار، امان سوھو، خورشيد لاشاري، اختر سانگي ، مصطفيٰ پالاري. وقاص شاھ، عبدالله ڀٽو، رضا سيلرو، آڪاش اُڄڻ، بابر جمالي، ارشد سھتو، علي خاصخيلي، شيراز پتوجو، شڪيل چنگاري آغا فراز ۽ ٻين چيو ته شاھد حيات شھيد مير مُرتضيٰ ڀُٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ۾ سڌو سنئون مُلوث رھيو آھي. 1996 ۾ اُن وقت شاھد حيات اي ايس پي صدر جي حيثيت سان مُرتضيٰ ڀُٽو ۽ سندس ساٿيُن خلاف آپريشن کي ڪمانڊ ڪري رھيو ھو.

پوليس ٽريننگ سينٽر جو نالو ھڪ قاتل جي نالي سان منسوب ڪرڻ شرمناڪ عمل آھي. تاريخ ۾ جتي ڪٿي شھرن، روڊن، رستن، اسڪولن سينٽرن ۽ عمارتُن جا نالا مُلڪ ۽ قوم جي ھيروز يا اڳواڻن جي نالي سان منسوب ڪيا ويندا آھن پر سنڌ حُڪومت ان جي اُبتڙ ھلي رھي آھي، موجوده سنڌ حُڪومت مير مُرتضي ڀُٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ۾ مُلوث ۽ ايف آءِ آر ۾ نامزد پوليس آفيسر شاھد حيات جو نالو ڪراچي جي سعيد آباد ٽريننگ سينٽر تي رکي شھيدن جي وارثن، ڪارڪنن ۽ سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪئي آھي ۽ زخمن تي لوڻ پڻ ٻُرڪيو آھي.

اڳواڻن وڌيڪ صحافين سان ڳالھائيندي وزيراعظم پاڪستان ۽ سنڌ جي گورنر کان مُطالبو ڪندي چيو ته قاتل آفيسر شاھد حيات جو نالو پوليس ٽريننگ سينٽر تان جلد از جلد ھٽائي ڪنھن قومي ھيرو جو نالو رکيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.