ميهڙ تعلقي ۾ تيرنهن ڪيس پازيٽو اچي ويا، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ

news

ميھڙ: ميهڙ تعلقي جي مختلف هنڌن تي ڊاڪٽرن جي ٽيمن پاران 3 ڏينهن اڳ قاضي عارف اسپتال، پيروز شاهه ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن سميت 54 ماڻھن جا ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪري سيمپل ورتا ويا هئا، جن مان اڄ 41 ڪيس نگيٽو ۽  13 ڪورونا وائرس جا ڪيس پازيٽو اچي ويا آھن، جن جي ڊي ايڇ او دادو پاران پڻ تصديق ڪئي وئي آھي.

13 ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن ۾ 2 قاضي عارف اسپتال جو لوئر اسٽاف, 3 پيروز شاھ ٿاڻي جا پوليس اهلڪار 4 ڳوٺ ٻيٽو جتوئي جا رهواسي ۽ 4 ڄڻا ميهڙ شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جا ٻڌايا پيا وڃن، جن کي پنهنجي گهرن تائين آئسوليٽ ڪيو ويو آھي.

حڪومت طرفان اعلانيل سمال لاڪ ڊائون تي ميهڙ شھر ۾ ڪنهن به قسم جو عمل نه پيو وڃي، جنهن سبب شھر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي کليل ۽ ماڻھن جي اتي رش لڳل آھي ۽ جنهن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، انتظاميا مڪمل طور تي غائب آھي، جنهن ڪري اڃا وڌيڪ ڪورونا وائرس ڦھلجڻ  جو خدشو آھي.