ميرپور ماٿيلو: سکر_ملتان موٽروي تي ڪار کي ڪلٽي ٿيڻ بعد باهه لڳي وئي، چار ڄڻا سڙي فوت، هڪ زخمي

news

ميرپور ماٿيلو: سکر_ملتان موٽروي تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن بعد ڪار کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا آهن.

هوڏانهن ڪار ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته فوتين جي سڙيل لاشن ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾  پوليس چيو ته ڪار سوار ڪراچي کان پنجاب طرف وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

هوڏانهن باهه ۾ سڙي وڃڻ سبب فوتين جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، آخري اطلاع تائين لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.