ميرپور ماٿيلو جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن، هڪ اهلڪار شهيد، اٺ زخمي

news

ميرپور ماٿيلو: ميرپور ماٿيلو ويجهو رائونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ رائونتي ٿاڻي توڙي شهر تي ٿيل حملي بعد ضلعي گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو ڳوٺ عمر شر ۾ ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن ڪيو.

جنهن ۾ ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ آمهون سامهون فائرنگ ٿي پئي ۽ ڏوهارين پاران بڪتربند گاڏي مٿان راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 8 اھلڪار زخمي ٿي پيا، جنهن ۾ ايس ايڇ او خانپور مٺل ککراڻي، ايس ايڇ او جروار عبدالوحيد ڀٽو، اي ايس آءِ سهراب چاچڙ، خان محمد پنهور، غلام محمد مهر، الله رکيو ميربحر، عبدالجبار ڪورائي، ممتاز علي بلو، منٺار علي ابڙو شامل آهن ۽ هڪ مال چاريندڙ ڳوٺاڻو اقبال احمد گنڃيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جنهن کي پوليس بروقت ميرپور ماٿيلو اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد سکر جي اسپتالن  ڏانهن ريفر ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن وري زخمي خان محمد پنهور کي ميرپور ماٿيلو اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد سکر اسپتال ريفر ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ هڪ پوليس اهلڪار خان محمد پنهور شهيد  ٿي ويو ۽  ٻين زخمين پوليس اهلڪارن کي ميرپور ماٿيلو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آپريشن ۾ شر برادري جي عورت مسمات شرما شر پڻ مارجي وڃڻ جا پُڻ اطلاع مليا آهن،  جڏهن ته پوليس پاران وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ جڏهن ته ڏوهارين ۽ پوليس ۾ فائرنگ جو سلسلو پُڻ جاري آهي ۽ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن خبر فائيل ٿيڻ تائين ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو جاري هو.