جيڪڏهن فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت آهي ته کيس قانون موجب نااهل ڪيو ويندو: شاهد خاقان عباسي

news

اسلام آباد:(ڇنڇر 04 جولاءِ 2020ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فيصل واوڊا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت جو حامل هو ته قانون جي حوالي سان هو نااهل ٿيندو.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن فيصل واوڊا نااهل نه ٿيو ته هو آبي وسيلن جهڙي اهم وزارتن کي تباهه ڪندو رهندو. هن چيو ته فيصل واوڊا  نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت حامل هو ته قانون جي حوالي سان هو نااهل ٿيندو.

منهنجي زال سعديه عباسي کي ٻٽي شهريت تي هڪ ئي ڏينهن ۾ نااهل ڪيو ويو کيس اپيل جو حق به نه ڏنو ويو هو. ياد رهي ته وفاقي وزير فيصل واوڊا ٻٽي شهريت لڪائڻ تي نااهل قرار ڏيڻ جي پٽيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بڌڻي هيٺ آهي.

درخواست ڏيندڙ موجب فيصل واوڊا 11 جون تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جنهن کي رٽرننگ آفيسر 18 جون تي منظور ڪيو جڏهن ته آمريڪي شهريت ختم ڪرڻ جي درخواست 22 جون تي جمع ڪرائي وئي. درخواست موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهريت رکندو هو جنهن کي هن ڄاڻي واڻي لڪايو.